SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ناڪام قومي رياستون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ناڪام قومي رياستون

Failed Nation States

فيلڊ نيشن اسٽيس

”سرد جنگ“ واري دور کان پوءِ استعمال ٿيندڙ هي اصطلاح دنيا جي اُنهن رياستن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي شهرين کي جان جو تحفظ ۽ ٻيون بنيادي انساني سهولتون ڏيڻ کان قاصر آهن. اها صورتحال نسلي متڀبيڌ، گروهي تڪرارن، نسل پرستي ، فوجي طاقت جي واڌ ۽ علائقائي تڪرارن سبب پيدا ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ اڳوڻي يوگو سلاويه.، هئٽي، ، صوماليا ، سوڊان، ، لائبيريا، ڪمبوڊيا، روانڊا، زائر، سيريا لون ۽ افغانستان ۾ هلندڙ گهرو لڙائي ۽ انتشار کي مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. اهي ملڪ ”سرد جنگ“ دوران ٻنهي عالمي طاقتن جي مالي فوجي، ۽ معاشي امداد جي سهاري هلندا هئا پر ”سرد جنگ“ جي خاتمي کانپوءِ اهڙا ملڪ پنهنجي وسيلن ۽ سرشتن جي سهاري پاڻ تي ڀاڙي نٿا سگھن. بين الاقوامي معاملن جي مشهور ماهر آر- ڊي ڪئپلان موجب: ٽين دنيا جا اڪثر ئي ملڪ مضبوط مرڪزي حڪومتن کان وانجھيل هئڻ ڪري قبائلي ۽ علائقا سطح جي اختيارين جي ور چڙهيل آهن ۽ اتي هٿيار بند جھيڙن، بيمارين ۽ ٻين سماجي مسئلن جي ڀرمار لڳي پئي آهي، جنهن ڪري روايتي سياسي جاگرافيائي ۾ تبديليون اچي رهيون آهن ۽ ٽين دنيا جا ملڪ ننڍڙين غير مستحڪم، ڪمزور ۽ جھڳڙالو شهري رياستن جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال سرد لڙائي جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا طرفان متعارف ٿيل ”نئين عالمي نظام “ ۾ ڪرايل خاطرين جي ابتڙ وڌيڪ انتشار ڏڦيڙ ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال کي جنم ڏنو آهي ۽ ان دور ۾ مضبوط ۽ سگھاريون رياستون اڄوڪي دور ۾ وڏن بحرانن جو شڪار هجڻ سبب ناڪاميءَ ۽ تباهيءَ کي مُنهن ڏيئي رهيون آهن


Remember Me Also:

ٻنوڙو

ذ. ننڍڙو ٻَنو. سَنڌو ، نشان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal